اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو وزير شيخ رشيد نادرا جي وقتي چيئرمين کي ملڪ جي سموري آبادي جي رجسٽريشن کي مڪمل ڪرڻ، پرڏيهي ملڪن ۾ قائم پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر نادرا عملي کي سمنڊ پار پاڪستانين کي ملندڙ سهولتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ تربيت ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي، وفاقي وزير شيخ رشيد جي صدارت ۾ نادرا جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ نادرا چيئرمين سمنڊ پار پاڪستانين کي نادارا پاران فراهم ٿيندڙ سهولتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن، پاڪستان جي مڪمل آبادي کي جلد کان جلد رجسٽرڊ ڪيو وڃي، نادرا پاران سروسز جي فراهمي ۾ ڪا به غفلت يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، وزيراعظم جي هدايت مطابق نادرا ۽ پاسپورٽ عملي کي سهولتون وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، اي ويزا جي طرز تي آن لائين سهولتن کي هٿي ڏني وڃي، پرڏيهه ۾ قائم پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر نادرا ۽ پاسپورٽ عملي کي سروسز جي فراهمي جي حوالي سان تربيت ڏني وڃي، ملڪ جي سمورن تعلقي هيڊڪوارٽرن ۾ نادرا سينٽرن جي قيام کي يقيني بڻايو وڃي، ان موقعي تي نادرا جي وقتي چيئرمين ٻڌايو ته روزانو هڪ لک سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، احساس پروگرام ۽ ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان به معاونت فراهم ڪريرن پيا، ملڪ ۾ 70 سيڪڙو آبادي کي رجسٽرڊ ڪري چڪا آهيون، باقي آبادي کي به رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.