اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (نواز) جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف بابت ڏنل بيان کي ٻاراڻو قرار ڏئي ڇڏيو، پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهباز شريف بابت بلاول جي بيان کي ٻاراڻو سمجهان ٿو. سڀني کي خبر آهي ته شهباز شريف کي پنهنجي سئوٽ جي تدفين ۾ وڃڻو پيو جنهن سبب هو قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.