اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تنقيد کان پوءِ شاهه محمود قريشي جي جوابي تقرير تي پ پ ميمبرن پاران احتجاج ڪيو ويو ۽ لوٽا لوٽا جا نعرا لڳائڻ وقت وفاقي وزير فواد چوڌري، وفاقي وزير مراد سعيد ۽ ٻيا حڪومتي ميمبر پ پ ميمبرن جي موبائيل فون تي رڪارڊنگ ڪندا رهيا، پر اسپيڪر ڪنهن کي به ائين ڪرڻ کان نه روڪيو.