ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ميمبرن جي غيرحاضري سبب ڪلاڪن جا ڪلاڪ دير سان شروع ٿيڻ معمول بڻجي ويو، ڪالهه صوبائي وزير مڪيش چاولا تجويز ڏني ته اجلاس جو وقت 12 وڳي رکيو وڃي، جنهن تي اسپيڪر چيو ته مون کي سومر تي عدالت وڃڻو آهي، انهي ڪري سومر تي اجلاس منجهند 2 وڳي رکيو پيو وڃي.