تهران (م ڊ) ايران جي صدارتي چونڊ ۾ غيرسرڪاري نتيجن موجب ابراهيم رئيسي اليڪشن کٽي ايران جو نئون صدر چونڊجي ويو، ايران جي صدارتي اليڪشن جي سرڪاري نتيجي ۾ دير ٿي آهي پر غيرسرڪاري نتيجا سامهون آيا آهن، غيرسرڪاري نتيجن موجب صدارتي اميدوار ابراهيم ٻين ٽن اميدوارن کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي مطابق صدارتي چونڊ جي باقي ٽن اميدوارن بينڪار عبدالناصر، محسن رضائي ۽ امير حسين به ابراهيم رئيسي کي ايران جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. صدارتي عهدو ڇڏيندڙ حسن روحاني ابراهيم رئيسي جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته آئون ماڻهن کي صدر جي پسند تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، منهنجو سرڪاري مبارڪباد وارو پيغام بعد ۾ جاري ڪيو ويندو پر اسان ڄاڻون ٿا ته هن چونڊ ۾ ڪنهن کي ڪافي ووٽ مليا ۽ عوام ڪنهن کي چونڊيو آهي. 60 ورهين جو ابراهيم رئيسي هلندڙ سال آگسٽ ۾ صدارتي عهدو سنڀاليندو، جنهن کي آمريڪا سان ايٽمي معاهدي جهڙي اهم معاملن کي منهن ڏيڻو پوندو، جيئن ايران تي لاڳو عالمي پابنديون ختم ٿين ۽ ملڪ ۾ معاشي بحران تي ضابطو آڻي سگهجي. ايران ۾ صداتي چونڊ لاءِ ووٽنگ گهٽ آئوٽ ٽرن سبب مقرر وقت کان 2 ڪلاڪ وڌيڪ جاري رهي. ٻئي طرف ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو ته صدارتي چونڊ جي سڀ کان وڏي فتح ايراني عوام آهي، ايراني عوام هڪ ڀيرو ٻيهر دشمن جي پروپيگنڊا جو مقابلو ڪيو آهي.