اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومتي وزيرن مخالف ڌر پاران طلب ڪيل آل پارٽيز ڪانفرنس کي آمريتي دور جي روايت قرار ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ کان ٻاهر قانونسازي جمهوريت ڪمزور ڪرڻ برابر آهي. پي ڊي ايم ۾ واعدا پورا نه ڪندڙ ڪهڙي منهن سان اي پي سي ۾ شرڪت ڪندا. ان ڏس ۾ وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس ڊڪٽيٽر شپ جي دور جي روايت آهي. جمهوريت ۾ سڀ کان وڏي آل پارٽيز ڪانفرنس پارليامينٽ ۾ ٿيندي آهي. پارليامينٽ ڇڏي قانون سازي تي مڪالمو پارليامينٽ مان ٻاهر ڪرڻ جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ ۽ پارليامينٽ جي بالادستي کي چيلينج ڪرڻ برابر آهي. ٻئي پاسي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف چونڊ سڌارن تي پارليامينٽ کي باءِ پاس ڪري رهيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف جي چونڊ سڌارن لاءِ اي پي سي کي ڏنل تجويز کِل جوڳي هئي. ان قسم جي فيصلي سازي پارليامينٽ جي اندر ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته اپوزيشن ليڊر پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ جي ايجنڊا جو حصو بڻجي رهيو آهي، اپوزيشن ليڊر جو اهو قدم نهايت افسوس جوڳو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي ناڪامي کانپوءِ شهباز شريف کي اي پي سي جي نئين ڪهاڻي سُجهي آهي. جن ماڻهن جي طبيعت ۾ اليڪشن چوري هجي اهي شفافيت جي تجويز ڪيئن ٿا ڏئي سگھن. پارليامينٽ جي توقير جا دعويدار اڄ پاڻ ان جي بي توقيري ڪري رهيا آهن. اپوزيشن جو اي پي سي وارو چُورن نه وڪامجندو. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ واعدو ڪري ڦري ويندڙ ڪهڙي منهن سان اي پي سي ۾ شريڪ ٿيندا؟ ان کان اڳ اسڪردو ۾ ڳالهائيندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز کي ڪرپشن جي ڪيسن ۾ سزا اچي چڪي آهي، هن وڌيڪ چيو ته نوازشريف ملڪ کان فرار ٿيل آهي، ان کي واپس ڪرڻو آهي ته جيئن سزا پوري ڪري، هن کي جيل ۾ نه ٿا رکڻ چاهيون، اسان چاهيون ٿا ته هو ڦريل رقم واپس ڪري، عدالت کي شهبازشريف ڪيس جي روزانو جي بنياد تي ٻڌڻي جي درخواست ڪري چڪا آهيون.