نئين (م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڪشميرين جي عزم آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي نريندر مودي 24 مارچ تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي ورتي آهي، نئين دهلي ۾ گهرايل اي پي سي جي صدارت نريندر مودي ڪندو. ڀارتي ميڊيا دعوي ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم جي اي پي سي ۾ شرڪت لاءِ ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبه مفتي ۽ فارق عبدالله کي به دعوت ڏني وئي آهي، ٻنهي اڳواڻن پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن جو اجلاس گهرايو آهي، جنهن ۾ اي پي سي ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو. محبوبه مفتي اي پي سي جو دعوت نامو ملڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته دعوت ملي آهي، شرڪت بابت مشاورت ڪري رهيا آهيون.