اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جي آءِ ٽي جوڙڻ جي استدعا ڪنداسين. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو ته آڊيو ليڪس قومي سلامتي جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. آڊيو ليڪس وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جي سيڪيورٽي تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي. بحيثيت وزيراعظم منهنجي رهائشگاهه تي منهنجي محفوظ ٽيليفون لائن به بگ هئي. عمران خان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر تي ڏنل پيغام ۾ اعلان ڪيو آهي ته آڊيو ليڪس جي سچائي کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ عدالت وڃڻ جو ارادو رکان ٿو، عدالت کان جي آءِ ٽي جوڙڻ جي استدعا ڪنداسين. هن چيو ته جي آءِ ٽي جوڙڻ سان آڊيو ليڪس تي جاچ ڪري سگهبي. جي آءِ ٽي جوڙڻ سان خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي ايجنٽليجنس ايجنسي آهي، هي انڪري اهم آهي ته حساس سيڪيورٽي معاملا غيرقانوني طور تي رڪارڊ ٿي ۽ پوءِ هيڪ ٿي. عمران خان چيو ته آڊيو ليڪس سان پاڪستان جي قومي سلامتي جي رازداري عالمي سطح تي بي نقاب ٿي وئي، ان کان اڳ راولپنڊي ۾ پارٽي عهديدارن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 25 مارچ تي گذريل لانگ مارچ ۾ جهڙيت ريت عوامي سمنڊ پنڊي مان اچڻو هو اهو نه آيو، جنهن جي مونکي اميد هئي، آئون افسوس سان چوان ٿو ته اميدن موجب ٽيم نه نڪتي، ٻين پارٽين کي ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ قيمي جا نان کارائڻا کارائڻا پوندا آهن، سنڌ ۾ ته پيسا به ڏنا ويندا آهن پر تحريڪ انصاف ۾ ماڻهو تبديلي لاءِ ٻاهر نڪرندا آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته هاڻ اسلام آباد مارچ جي تياري آهي، هر رُخ کان سوچي سمجهي فيصلو ڪيو آهي، رانا ثناءُ الله ۽ شهبازشريف جهڙن ماڻهن کي چڱي ريت سڃاڻان ٿو، جيترو ڊڄڻو ماڻهو هوندو، اوترو ظالم هوندو آهي،  بهادر ماڻهو ظلم ناهي ڪندو، ڇاڪاڻ ان کي پاڻ تي اعتماد هوندو آهي، جڏهن ته لانگ مارچ جي ڳالهه ڪندو آهيان ته هنن جون ڪانپين ٽانگ جاتي هين. تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته مخالفن ۽ نه وري منهنجي ٽيم کي حڪمت عملي جي خبر آهي، ڇاڪاڻ اڄڪلهه سڀ رڪارڊ ٿي رهيو آهي، آئون پنهنجي ايجنسين کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا توهان جو ڪم اهو رڳو آهي ته پنهنجن ماڻهن جي جاسوسي ڪريو، ڇا اوهان جو ڪم اهو بچيو آهي ته جوڙ ٽوڙ ڪريو، ڪنهن کي ڪيرائڻو آهي، ڪنهن کي آڻڻو آهي، ڇا ملڪ جي ڪا ڳڻتي ناهي، چورن کي آڻي مٿي ويهاري ڇڏيو، ڇا اوهان جو اهم ڪم وڃي بچيو آهي ته فون رڪارڊ ڪريو ته عمران خان سان ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ڇا ڪرڻ وڃي پيو، ٻڌو آهي ته وزيراعظم هائوس مان هڪ آڊيو نڪرڻ واري آهي. عمران خان چيو ته چورن ۽ ڦورن جا هينڊلرز ٻڌي ڇڏيو، جيترو وڻي اوهان ڪوشش ڪريو، اوهان پاڻ کي بدنام ڪندا، قوم هن چورن جو ساٿ نه ڏيندي، انهن جو مقابلو ڪندي، اسان ڄاڻون ٿا ته هي ڇا ڪندا پر هي نه ٿا ڄاڻن ته اسان ڪهڙو پلان جوڙيو آهي، پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو مارچ ٿيڻ وارو آهي، پرامن مارچ ٿيندو، جيڪو اسانجو حق آهي، شهبازشريف ۽ رانا ثنا ءُ الله ابتا به لٽڪن ته ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته مريم نواز چوي ٿي ته آئون باعزت بري ٿي آهيان، هاڻ ته زرداري به بري ٿيڻ وارو آهي،جيڪو طاقتور هوندو اهو پاڪستان ۾ بري ٿي ويندو، هن نظام ۾ اوهان جي ٻارن جو ڪوبه مستقبل نه آهي.