اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله نيازي ۽ اسد عمر جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي،  درخواست ۾ قلم 144 کي چيلنج ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته پرامن احتجاج روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ غيرآئيني آهي، برطانوي راج اهو قانون ٺاهيو هو جيڪو اڄ تائين استعمال ٿي رهيو آهي، عدالت ان قانون کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي جيڪو آئين سان ٽڪراءَ ۾ ٺهيو هجي، ٻڌڻي دوران اسد عمر عدالت کي ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو، جيڪو قانون خلاف آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان متاثر ٿيا آهيو؟ ڇا اوهان کي ڪنهن روڪيو آهي؟ وڪيل بابر اعواڻ چيو ته اهڙي صورت ۾ ريلي نه ٿي ڪڍي سگهجي، چيف جسٽس اطهرمن الله چيو ته ڌرڻي ڪيس جو هڪ فيصلو آهي ڇا اوهان اهو پڙهيو آهي؟ احتجاج يا ريلي ڪڍڻ جو طريقيڪار هوندو آهي، اُن لاءِ اجازت وٺڻي پوندي آهي، درخواستگذار پارٽيءَ جي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ به حڪومت آهي، ڇا اُتي ڪڏهن قلم 144 لاڳو ناهي ڪيو ويو؟ جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي ڇا اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو نه ڪيو ويو هو؟ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اوهان جي پارٽي جي حڪومت آهي پهرين اوهان اُتي وڃي اسيمبلين مان قانون ختم ڪرايو پوءِ هتي اچو. بابر اعواڻ چيو ته هي هڪ سياسي پارٽي نه پر اڳوڻي ايم اين اي جي درخواست آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هي اڳوڻو ناهي پر هاڻ به قومي اسيمبلي ميمبر آهي جيستائين استعيفا منظور نٿي ٿئي تيستائين اسيمبلي ميمبر ئي رهندو. چيف جسٽس چيو ته لا اينڊ آرڊر جو معاملو ايگزيڪيوٽو کي ڏسڻو آهي عدالت مداخلت نٿي ڪري سگهي، عدالت درخواست خارج ڪندي فيصلو ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي هن وقت به قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ خاطر خواهه نمائندگي آهي، پارٽي ايوان ۾ قلم 144 خلاف بل آڻي ان کي ختم ڪري، پي ٽي آءِ وٽ پارليامينٽ جو متبادل فورم موجود آهي، امن امان جو معاملو ايگزيڪيوٽو جو اختيار آهي ايگزيڪيوٽو جي فيصلن ۽ راءِ جو متبادل عدالتي فورم ناهي، جڏهن قلم 144 جو اختيار غلط استعمال ٿئي تڏهن ئي معاملو عدالت اچي سگهي ٿو، اسد عمر متاثر ناهي صرف قلم 144 لاڳو ٿيڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ناهي.