اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم هائوس جون آڊيو ليڪ ڪندڙ هيڪر چيو آهي ته عمران خان دنيا جو سڀ کان وڏو منافق آهي، هن جي اصليت پڌري ڪندو رهندس. پنهنجي ٽوئٽر هينڊل هيڪر بواءِ هڪ ٽوئيٽ ڪئي جنهن ۾ لکيو ته دنيا جو سڀ کان وڏو منافق عمران خان. پهرين چوندو هو ته آءِ ايس آءِ، آءِ بي کي وزيراعظم جي هر فون جي خبر هوندي آهي کين اها خبر هجڻ به گهرجي. بعد ۾ هن وري ان معاملي تي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. هيڪر چيو ته عمران خان تنهنجي مرضي آهي جيڏانهن به هليو وڃ، قوم کي تنهنجي اصليت ڏيکاريندا رهنداسين، وڊيوز ۽ آڊيوز جي صورت ۾، توکي ۽ تنهنجي منافقت کي ڪو به نه ٿو بچائي سگهي. هن 9 آڪٽوبر تي اعلان ڪيو ته عمران خان ۽ “ع” جي وڊيو تمام جلد جاري ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي جا ڪارڪن اهو نه سمجهن ته رڳو خاص ماڻهن يا ڪنهن هڪ پارٽي جي حقيقت سامهون آڻيندس. سمورين پارٽين ۾ موجود غليظ ڪردارن کي سامهون آڻينداسين. ڪو سٺو چوي يا خراب مون کي هي سفر مڪمل ڪرڻو آهي. هيڪر پي ٽي آءِ جي سينئر نائب صدر فواد چوڌري جي آمريڪي اداڪارا سان وڊيو چيٽ جي خاموش وڊي جاري ڪئي آهي هن چيو ته فواد چوڌري جي هڪ وڊيو ڪال مان 10 سيڪنڊ حاضر آهن. هي شخص آمريڪي اداڪاره سان رابطي ۾ ۽ مهانگا تحفا ڏيڻ ۾ مصروف رهيو. هي گهڻي پراڻي نه پر جون جي ڳالهه آهي. کلوئي ڪردشن آمريڪي اداڪاره آهي. فواد جي اداڪارا سني ليون سان وڊيو ڪال به موجود آهي اها به جلد اچي ويندي.