حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جي تنظيم ۾ پريشر گروپ قائم ڪيو ويو آهي جنهن  جو صوبائي سرپرست اعليٰ انور ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو آهي. انور ميمڻ جي صدارت هيٺ پريشر گروپ جو هڪ اجلاس گورنمينٽ زبيدا گرلز ڪاليج ۾ ٿيو جنهن ۾ چيف آرگنائيزر ولي محمد سومرو، صوبائي پريس ترجمان شاهد سومرو، آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي ميمبرن محسن مهدي قريشي، ساجن انصاري، شمشير پالاري، مظهر سميجو، سرفراز راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تنظيمي ميمبرشپ کي وڌايو ويندو ۽ آپڪا جي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ سندن ڪنوينشن 27 جولاءِ تي شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 16 گريڊ جي اسسٽنٽس جي سينارٽي لسٽ ۾ هيرا ڦيري جو الزام هڻندي چيو ويو ته من پسند ماڻهن کي نوازڻ لاءِ سينارٽي لسٽ ۾ جونئير ملازمن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن جيڪي فوري طور درست ڪيا وڃن. اجلاس ۾ چيو ويو ته آبپاشي کاتي جي چيف انجنئير ڪوٽڙي بيراج جي آفيس سپرنٽينڊنٽ جي غلط ترقين بابت صوبائي وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري سنڌ سهيل احمد ۽ سيڪريٽري آبپاشي کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. اجلاس ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏيڻ، ٽائيم اسڪيل جي ادائيگي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا جا مطالبا ڪيا ويا.