ڪراچي (نمائندن وٽان) يونيورسٽيز اينڊ  بورڊز کاتي جي وزير اسماعيل راھو چيو آھي ته سنڌ ۾ 506 شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪاپي ڪندي پڪڙيون ويون آهن، اصل اميدوارن جي جاءِ تي  پيپر ڏيندڙ ( منڍي مٽ ) 218 ڪيس به سامهون آيا آهن، هن چيو ته 6 شاگرد ڪاپيون ردوبدل ڪرڻ تان پڪڙيا ويا، هن چيو ته سکر ۾ 116 ڪاپي،13 ٻين جي جاءِ تي امتحان ڏيندي ۽ 3 ڪاپيون بدلي ڪندي پڪڙيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ 245 ڪاپي ڪندي، 186 ٻين جي جاءِ تي امتحان ڏيندي ۽ 3 ڄڻا ڪاپيون تبديل ڪندي پڪڙياويا، ڪراچي ۾ 69 شاگرد ڪاپي ڪيس ٿيا .حيدرآباد ۾ نائين ۽ ڏهين جي امتحان دوران سينٽرن تي موبائل فون کڻي وڃڻ تي پابندي باوجود نائين ڪلاس جي ميٿاميٽڪس جو پيپر شروع ٿيندي ئي اڌ ڪلاڪ دوران واٽس ايپ گروپ ۾ وائرل ٿي ويو جنهن بعد ڄاڻايل پيپر اميدوارن جي حامين پاران حل ڪري ان جا جواب واٽس ايپ ذريعي اماڻيا ويا. ريجن جي ڪيترن ئي سينٽرن تي 22 ويجيلنس ٽيمون هئڻ باوجود ٽيمن پاران ڪاپي جي روڪٿام لاءِ ڪو به تحرڪ ناهي ورتو ويو .لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ نائين جماعت جي فزڪس جو پرچو ورتو ويو جتي امتحاني وقت شروع ٿيڻ شرط سواليه پيپر اميدوارن جي هٿن ۾ ايندي واٽس ايپ جي ذريعي آئوٽ ٿي فوٽو اسٽيٽ مشينن وارن ۽ ڪاپي ڪندڙ مافيا جي هٿن ۾ اچي ويو. جتان حل ٿيل پيپر فوٽو ڪاپي ٿيڻ بعد چند پئسن عيوض پٽيوالن ۽ چوڪيدارن جي ذريعي اميدوارن جي مٽ مائٽن توڙي دوستن جي ذريعي امتحاني سينٽرن تائين پهچايو ويو.