عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ شهر جي رحيم ڪالوني ۾ پوليس پورهيت سومار راهمون جي گهر تي چڙهائي ڪئي،  پوليس ڪارروائي دوران مبينا تشدد ۾ جمعيت راهمون، امينت راهمون ۽ مشتاق راهمون سخت ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف   سومري راهمون، سومار راهمون ۽ جمعيت راهمون ٻڌايو ته 4 مهينا اڳ منهنجي نياڻي کي بااثر  گهران زبردستي اغوا ڪري ويا هئا، اڃا  تائين نياڻي واپس ناهي ٿي، اڄ بااثرن بنا جواز پوليس ساڻ ڪري اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري تشدد ڪيو آهي.نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.