ٽيڪساس(م ڊ) آمريڪا ۾ ڪاري نسل جي شاگرد جي ڳچي تي پير رکي فوٽو ڪڍرائيندڙ گوري نسل جي ماسترياڻي کي معطل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ٽيڪساس رياست جي گرين ولي علائقي جي لامر ايليمينٽري اسڪول جي ماسترياڻي جارج فلائڊ جي قاتل اهلڪار ڊيرڪ شاون کي سزا ملڻ جي ڪجهه منٽن بعد ئي شاگرد جي نڙي تي لت رکي پنهنجو فوٽو ڪڍيو ۽ اهو 10 ورهين جي شاگرد جي ماءُ کي اماڻي ڇڏيو. نينگر جي ماسي اهو فوٽو ان ڪيپشن سان رکيو ته اهو قابل قبول ناهي. ٻئي طرف ٻارڙي زائلن جيڪسن جو چوڻ آهي ته مون کي لڳو ته استاد مذاق پئي ڪري، هن ڳچي تي زور نه ڏنو، تنهن هوندي به شاگرد جي گهرڀاتين استاد جي برطرفي جو مطالبو ڪيو آهي. ماسترياڻي جو موقف هو ته شاگرد ڪلاس ۾ حرڪت ڪرڻ بند نه ڪئي ته سندس ڳچي تي پير رکنديس.