اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ جمعي ڏينهن 11 وڳي ٿيندو، پيپلزپارٽي اجلاس ۾ شرڪت رڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اجلاس بابت 10 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ واري قرارداد جي منظوري وارو مامرو شامل ناهي، پيپلز پارٽي جي سيد نويد قمر صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندي، هن چيو ته وزيراعظم جو قوم کي خطاب پاليسي بيان هو ته پوءِ قرارداد ڇو آندي وئي آهي، قرارداد ۽ وزيراعظم جي قوم کي ڪيل خطاب وچ ۾ تضاد آهي، وزيراعظم ڪجهه مذهبي مامرن جو وزير ۽ گهرو وزير جو بيان ڪجهه ٻيو آهي، پارلياماني مامرن جي مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ اسپيڪر پاران خصوصي ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي، مخالف ڌر سان رابطو نه ٿيندو ته متفقه قرارداد ڪيئن ايندي؟ حڪومت ۽ اپوزيشن ناموس رسالت جي مامري تي متفق آهن، حڪومت ۽ اپوزيشن جي خصوصي ڪاميٽي ۾ ميمبرن جي نالن جي انتظار ۾ آهيون، نواز ليگ جي خط جو جواب اجلاس دوران ڏينداسين. هوڏانهن اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر قرارداد تي غور لاءِ قائم ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪاميٽي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ نمائندگي رکندڙ پارٽين کان نالا گهري ورتا آهن، اسپيڪر جي هدايت تي ٺهندڙ خصوصي ڪاميٽي لاءِ پارلياماني ليڊرن کي خط لکي نالا گهريا ويا، قومي اسيمبلي، خصوصي ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو اختيار رٿ پاس ڪري اسپيڪر کي ڏئي چڪي آهي، پي ٽي آءِ مان ڊپٽي پارلياماني ليڊر شاهه محمود قريشي، ايم ڪيو ايم مان خالد مقبول صديقي، ق ليگ مان طارق بشير چيمه، بلوچستان عوامي پارٽي مان خالد مگسي، جي ڊي اي مان غوث بخش خان مهر، جمهوري وطن پارٽي مان شاهزين بگٽي، عوامي مسلم ليگ مان شيخ رشيد کي خط لک ميمبر تجويز ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، اهڙي ريت مخالف ڌر مان نواز ليگ جي پارلياماني ليڊر خواجا آصف، پيپلز پارٽي جي بلاول ڀٽو زرداري، ايم ايم اي جي اسعد محمود، اي اين پي امير حيدر هوتي، بي اين پي مينگل جي اختر مينگل کي خط لکي نالا گهريا ويا آهن.