وانشنگٽن (م ڊ) آمريڪي شهر انڊيانا پولس ۾ فائرنگ، 8 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، آمريڪي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو جمعي جي رات انڊيانا پوليس ايئرپورٽ ويجهو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته جنهن هنڌ فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، اها هڪ ڪمرشل جاءِ آهي، جتي ماڻهن جو وڏو تعداد هوندو آهي، ان ڳالهه جو به خدشو آهي ته حملو ڪندڙ پاڻ کي به گولي هڻي ڇڏي آهي، انڊيانا پولس اختيارين واقعي واري هنڌ کي انتهائي حساس قرار ڏئي ايمرجنسي سروس طلب ڪئي.