واشنگٽن/برلن(م ڊ) آمريڪا ۽ يورپي يونين حملن ۾ 49 ماڻهو ماريندڙ اسرائيل دران فلسطينين جي راڪيٽ حملن جي مذمت ڪئي آهي، وائيٽ هائوس جي ترجمان اسرائيل تي حماس جي راڪيٽ حملن جي مذمت ڪندي چيو ته آمريڪا اسرائيل جي دفاع واري حق جي حمايت ڪري ٿو، اسرائيل ۽ فلسطين جي اڳواڻن سان رابطو آهي ۽ ڪوشش آهي ته حالتون وڌيڪ خراب نه ٿين. آمريڪا ٻنهي طرفن جي تشدد ۽ ويڙهه جي خلاف آهي ۽ عام شهرين کي مارڻ جوسلسلو بند ڪرڻ گهرجي، يورپي يونين فلسطينين جي راڪيٽ حملي جي مذمت ڪندي اوڀر يروشلم ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، غزه مان راڪيٽ حملا تشدد کي اڃا به وڌائيندا.