ٽنڊوالهيار: عيد جو سامان وٺي ويندڙ نوجوان حادثي ۾ فوت

0
207
مورو ويجھو روڊ

ٽنڊو الھيار (ن پ ا) ٽنڊوالهيار ويجهو پيارولنڊ ٿاڻي جي حد مير آباد مان عيد جو سامان وٺي واپس موٽندڙ 35 ورهين جو نوجوان عبدالقادر بروهي ڳوٺ احمد خاصخيلي لڳ موٽر سائيڪل سميت واٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، جنهن جولاش پيارو لنڊ پوليس واٽر مان ڪڍرائي سول اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش سندس وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، نوجوان جو لاش سندس ڳوٺ ميرحسن مري پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.