واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي سينيٽر ۽ بجيٽ ڪاميٽي جي سربراهه برني سينڊرز اسرائيل ۽ فلسطين جي تڪرار تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي حڪومت جي انتهاپسند حامين جون سرگرميون مڪمل جنگ شروع ڪرائي سگهن ٿيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسرائيل ۽ فلسطين ۾ وڌندڙ ويڙهه تي سخت ڳڻتي اٿم، هڪ ڀيرو اسان ڏسي رهيا آهيون ته اسرائيلي حڪومت جي انتهاپسند اتحادين جو ڪيترو غيرذميواراڻو ردعمل آهي جيڪو تيزي سان تباهي آڻيندڙ جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. اسرائيل جي ٻارن کي بم کان بچائيندڙ بنڪرن ۾ ڊپ ۾ رات نه گذارڻ کپي، فلسطيني ٻارن کي لاڳيتي تشدد ۽ قبضي واري نفسيات ۾ وڏو نه ٿيڻ گهرجي جيئن انهن جي اڪثريت ٿي چڪي آهي. هن چيو ته آمريڪا کي فوري طور تي جنگبندي ۽ اسرائيل جي غيرقانوني رهائشون ٺاهڻ وارو سلسلو روڪڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي، اسان کي هي تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ اسرائيل ۽ فلسطينين سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.