تهران / واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ايراني حملي جي جواب م ايراني شهر اصفهان جي فوجي اڏي تي حملو ڪيو آهي. آمريڪا موجب اسرائيل پاران فائر ڪيل ميزائل ايران جي شهر اصفهان جي فوجي اڏي تي لڳا، جڏهن ته ايران اهڙي حملي جي سختي سان ترديد ڪئي آهي. آمريڪي اختيارين موجب اسرائيلي حملو تمام محدود هو. هوڏانهن ايران جي سينئر ڪمانڊر چيو آهي ته ڌماڪي جا آواز اصفهان ۾ شڪي شيءِ کي نشانو بڻائڻ جا هئا، رات جي وقت ٿيندڙ حملي سان ڪو نقصان ناهي ٿيو. اصفهان ۾ ڪو به ميزئال حملو ناهي ٿيو. ايراني سائبر اسپيس سينٽر جي ترجمان موجب اسرائيل جي مزائيل حملي جي اڃا ڪا ڄاڻ ناهي ملي، اصفهان جي فضا ۾ 3 ڊرونز تباهه ڪيا آهن. ٻئي پاسي عالمي ايٽمي ايجنسي به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايراني ايٽمي ماڳن کي ڪو نقصان ناهي پهتو، صورتحال جو ويجھڙائي سان مشاهدو ڪري رهيا آهيون. ڌرين کي صبر جي اپيل ڪيون ٿا، کين اپيل آهي ته ايٽمي ماڳن کي ڪڏهن به فوجي تڪرار ۾ نشانو نه بڻائڻ گھرجي.