اسلام آباد(م ڊ) ايراني صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي پاڪستاني دوري جون تياريون شروع ٿي ويون آهن، ان ڏس ۾ ابراهيم رئيسي جي سيڪيورٽي ٽيم سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي.ا يران جو صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي 22 اپريل تي وفد سان گڏ پاڪستان پهچندو. ايراني صدر جي دوري لاءِ ٻنهي ملڪن جي اختيارين جي وچ ۾ بنيادي معاملا طئه ٿي ويا آهن. ذريعن موجب ايراني صدر پاڪستان جي دوري دوران  صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪندو. ذريعن موجب ايراني صدر جي دوري دوران ٻه طرفن معاملن ۽ پاڪ_ايران گيس پائپ لائن سميت وچ اوڀر ۾ بدلجندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.