اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي جي هنگامي سان شروعات، اپوزيشن جو گوڙ، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. صدر زرداري جي گڏيل پارليامينٽ ۾ خطاب دوران گوڙ واري معاملي تي حڪومتي اتحادي جماعت پ پ جي ميمبرن واڪ آئوٽ ڪيو، ڪورم جي به نشاندهي ڪئي، جڏھن ته پارلياماني سال جي پهرين ڏينهن تي ئي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ٻن آزاد ميمبرن جمشيد دستي ۽ محمد اقبال خان کي صدارتي خطاب دوران پارليماني روايتن کان ھٽي ڪري احتجاج ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي ھلندڙ سيشن ۾ ايوان ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي، ٻنهي جي رڪنيت به معطل ڪئي وئي. جنھن تي مخالف ڌر احتجاج ڪندي اسپيڪر ڊائيس جو گهيرو ڪيو ۽ ايجنڊا جون ڪاپياون ڦاڙي شديد نعريبازي ڪئي. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيو، مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب صدارتي خطاب تي بحث جي رٿ ايجنڊا ۾ شامل نه ڪرڻ تي احتجاج ڪيو، هن چيو ته ملڪ ۾ آئيني ۽ قانوني شين جي کوٽ آهي، مهانگائي جا مسئلا آهن، اسان قسم کنيو آهي ته آئين جي پاسداري ڪنداسين، آئين جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، صدر جي خطاب تي بحث ڪرايو وڃي. عمر ايوب چيو ته اوهان کي رٿ پيش ڪرڻي آهي ته صدر جي خطاب تي بحث ڪرڻو آهي، اپوزيشن ليڊر رٿ تي بحث ڪندو، ميمبر ان تي ڳالهائيندا. هن چيو ته ڪالهه نارووال ۾ سرڪاري گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ نوجوان شهيد ٿيو، ڪير سار لهڻ وارو ڪونهي، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني نه آهي.قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي چيو ته حيرت آهي ته قانون ڪير پڙهائي رهيو آهي، خبر ناهي قانون ڪٿان پڙهيو پيو وڃي، اجلاس جاري آهي تقرير تي بحث ايجنڊا تي اچي ويندي، صدر جي تقرير دوران جيڪو ٿيو اهو شرمناڪ آهي. نوشڪي ۽ ڪشمور ۾ پيش آيل واقعن تي جمال رئيساڻي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چيو ته ملڪ دشمنن خلاف اسان وٽ پلانز آهن، جنهن تي قانون واري وزير چيو ته 5 ڏهاڪن کان پاڪستان دهشتگردن جي نشاني تي آهي، انهن عنصرن خلاف قدم کنيا پيا وڃن، هن ايوان ۾ دهشتگردي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، دهشتگردن کي ملڪ ۾ واپس آندو ويو. اعظم نذير چيو ته دهشتگردن سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون،انهن کي انهن جي زبان ۾ ئي جواب ڏنو ويندو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو ته اپوزيشن کي اسان تي تنقيد ڪرڻي آهي ته ڀل ڪري پر   پاڪستان تي تنقيد ڪرڻ نه ڏني ويندي، پي ٽي آءِ قيادت جو بيانيو آهي ته سائفر سان کيڏنداسين، پهرين هنن جا ميمبر بيان ڏيندا آهن پوءِ پارٽي اڪائونٽ تان ترديد ايندي آهي، يوٽرن وٺڻ هن پارٽيءَ جو بيانيو رهيو آهي، هي اهي ئي آهن، جن 9 مئي تي ملڪي ادارن مٿان حملا ڪيا هئا، دوست ملڪن بابت ايوان ۾ گڏيل ٺهراءُ آندو وڃي، اپوزيشن کي  دوست ملڪن خلاف بيان ڏيڻ جو اڊيالا مان آرڊر ملي ٿو، قومي اسيمبلي ۾عطاءُ تارڙ جي تقرير دوران اپوزيشن گوڙ ڪيو، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. سيد نويد قمر چيو ته ڪٿي لکيل نه آھي ته صدر جي خطاب جي ٻئي ڏينهن تي بحث شروع ٿيندو ماضي ۾ ته مخالف ڌر ڪوشش ڪندي رهي آھي ته صدارتي خطاب تي بحث دير سان شروع ٿئي. بيرسٽر گوھر چيو صدر آصف زداري رياست جي يڪجهتي جي علامت ناهي، ھاڻي به سياسي پارٽي جو صدر آھي، جنهن تي اسپيڪر چيو ته آصف زرداري ڪڏهن به پيپلزپارٽي جو صدر نه رهيو آھي، بريسٽر گوهر چيو ته آصف زرداري هاڻي به پيپلز پارٽي پارليمينٽرينز جو صدر آھي، ھڪ سياسي جماعت جو سربراھه صدارت جي غير جانبدار عھدي تي ڪيئن مقرر ٿي سگھي ٿو، پيپلز پارٽي طرفان عبدالقادر پٽيل چيو ته ھي مارشلائي سوچ آھي ته سياسي جماعت جو سربراھه صدر نٿو ٿي سگھي، حڪومتي ۽ اپوزيشن بئنچن ۾ ڇڪتاڻ نظر اچي رهي آهي، پارليامان جي صبر کي چئلينج ڪيو ويو ته هتي ڪو به ماءُ جو پٽ ڳالهائي نه سگهندو. پ پ پ جي سيد نويد قمر ۽ شرميلا فاروقي به ڳالھائڻ چاھيو پر اسپيڪر اياز صادق چيو اوھان ٻئي طئي ڪريو ته ڪنھن کي ڳالھائڻو آھي. جنھن تي چيئرمين پ پ بلاول ڀٽو زرداري ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري نڪري ويو جنهن بعد آصفه ڀٽو زرداري سميت پيپلزپارٽي جا سمورا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا  ته پ پ جي شازيه مري ايوان ۾ اچي ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي . اعظم نذير تارڙ پ پ جي لابي ۾ وڃي راضي ڪيو ۽ ايوان ۾ واپس وٺي آيو. اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق چيو ته مان تڪليف وچان ڪاروائي ڪري رهيو آھيان اها ڪاروائي صدر جيگڏيل پارليامينٽ جي اجلاس دوران غيرپارلياماني رويي تي ڪريان پيو  صدارتي خطاب جي موقعي تي جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان صدر جي سامھون غير پارليماني احتجاج ڪيو ته غير ملڪي سفير به ويٺل ھئا، ملڪ جو پيغام ڇا ويو ھوندو. ان ڪري ٻنھي ميمبرن جي ھلندڙ مڪمل سيشن ۾ ايوان ۾ داخلا بند ڪئي وڃي ٿي. اسپيڪر اهڙي پابندي جي رٿ به ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو،  اسپيڪر جي اهڙي ڪاروائي جي اعلان  سان گڏ ئي مخالف ڌر اسپيڪر ڊائيس سامھون شديد احتجاج ڪيو ۽ اسپيڪر تي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اُڇلايون ويون. اسپيڪر فوري طور تي اجلاس سومر ڏينھن شام جو پنجين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.