پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊن کان اڳ عورتون ۽ اقليتي ميمبر قسم کڻندا. ان ڏس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ مخالف ڌر جي عورتن ۽ اقليتي ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ايس ايم عتيق شاهه 24 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو. عدالت فيصلي ۾ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير ۽ صوبائي ڪابينا کي اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 105 موجب ٻن هفتن اندر ڪي پي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي ۽ ڪي پي ۾ سينيٽ جي چونڊن کان اڳ نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو وڃي. فيصلي موجب نون چونڊيل ميمبرن کي حلف کان روڪڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. واضح رهي ته خيبر پختونخواهه حڪومت مخصوص سيٽن تي چونڊيل مخالف ڌر جي ميمبرن کان حلف لاءِ اجلاس نه گهرائڻ جو فيصلو ڪيو هو. ميمبرن کان حلف نه وٺڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن ڪي پي اسيمبلي ۾ سينيٽ جون چونڊون ملتوي ڪيون هيون.