آصف زرداري خلاف نفرت ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ شيخ رشيد جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

0
162

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري خلاف نفرت ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار شيخ رشيد جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

شيخ رشيد جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته ٽي وي چينل تي هليل هڪ بيان جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، شيخ رشيد جي بيان سبب پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ٽڪراءَ واري صورتحال جي ڪا به شاهدي نه ملي آهي

 ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون چيو ته شيخ رشيد سينيئر سياستدان آهي، سندس ڳالهه ٻولهه پارلياماني هجڻ گهرجي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته سڀ هڪ ئي قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن سڀ پارلياماني آهن، جج جي رمارڪس تي عدالت ۾ ٽهڪڙا مچي ويا

 جهانگير جدون چيو ته شيخ رشيد راڻا ثناءُ الله ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي گاريون ڏنيون، سلمان اڪرم راجا چيو ته اهو ڪيس ئي نه آهي جيڪو ايڊوڪيٽ جنرل بيان ڪري رهيو آهي

 جاچ آفيسر عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته شيخ رشيد وٽان آصف زرداري پاران عمران خان جي قتل جي مبينا سازش جون ڪي به شاهديون نه مليون، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي ضمانت رد