ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي 5 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ قتل

0
284
ڪراچي جي شاهنواز ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ شاهنواز ڀٽو ڪالوني ۾ ڦر دوران مزاحمت تي 5ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ قتل ٿي ويو، نارٿ ڪراچي سيڪٽر ٽو شاهنواز ڀٽو ڪالوني ۾ فائرنگ ڪئي وئي، پنجن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ قتل ٿي ويو

مقتول نوجوان مزمل جي ڀيڻ جو چوڻ آهي ته مقتول ڀاءُ جي گهر ٽئين ٻار جي پيدائش ٿيڻ واري آهي، ڀاڄائي کي ناهي ٻڌايو  ته ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آهي

ڀاءُ مزمل پي آءِ بي کان شاهنواز ڀٽو ڪالوني ۾ پنهنجي وڏي ڀيڻ سان ملڻ آيو هو، اسان کي انصاف گهرجي،  قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو  وڃي

هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان مزمل کي ڦر دوران مزاحمت تي ڳورهاري زال ۽ ٻارن جي سامهون قتل ڪيو ويو آهي،  مزمل جي وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول جون 5 ڀينرون آهن ۽ هڪ اڪيلو هنن جو ڀاءُ هو جيڪو مارجي ويو

 هو ويلڊنگ جو ڪم ڪندو هو پنهنجي پي آءِ بي ڪالوني ۾ رهائش پذير پنهنجي ڀيڻ سان ملي واپس گهر وڃي رهيو هو ته ڦورو جي فائرنگ ۾ مارجي ويو

هي به پڙهندا

ڪراچي: موبائل گيم هڪ ٻي نينگري جي مبينا اغوا جو سبب بڻجي وئي