آرمي چيف پاران پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جو الوداعي دورو

0
195
آرمي چيف پاران پاڪستان ملٽري

ڪراچي:آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جو الوداعي دورو ڪيو ويو، ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا آرمي چيف جو استقبال ڪيو

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف بلوچ ريجمينٽل سينٽر ايبٽ آباد جو دورو به ڪيو، چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس سندس آجيان ڪئي

 آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ سلامي ڏني، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا اڪيڊمي ۾ سکيا وٺندڙ ڪيڊٽس ۽ آفيسرز سان به مليو

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خطاب ڪندي چيو ته ڪيڊٽس تي ملڪ ۽ قوم جون اهم ذميواريون آهن، اميد آهي ته هو قوم جي اميدن تي پورو لهندا

ھي به پڙھندا

لڪي مروت ۾ دهشتگردن جوپوليس موبائل تي حملو، 6 اهلڪار شهيد

ملڪ ڏيوالي مان نڪري چُڪو، ٻوڏ سبب لکين ماڻهو متاثرٿيا، بحاليءَ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون: بلاول