اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي 2017ع جي آدمشماري واري مامري تي سنڌ جي وڏي وزير جي مطالبي تي گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر ميڊيا دولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس کي ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جهڙي ميڊيا لاءِ مني مارشل لا قرار ڏئي ڇڏيو، مخالف ڌر پاران صحافين تي تشدد ۽ حملن واري مسئلي تي به احتجاج. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، بلوچستان عوامي پارٽي جي ڪهدا بابر چيو ته ايس اي سي پي سميت پرڏيهي وزارت، پرڏيهه ۾ مقرر ٿيل پاڪستان جي سفيرن ۾ بلوچستان جي ڪا نمائندگي ناهي، ايتري تائين جو چيف سيڪريٽري به وفاقي حڪومت پنهنجي مرضي جو مقرر ڪري ٿي، اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني چيو ته بلوچستان پٺتي پيل صوبو آهي، بلوچستان کي نمائندگي نه ٿي ملي، پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان چيو ته اها حقيقت آهي ته ماضي ۾بلوچستان کي نمائندگي نه ملي، گذريل 10 سالن ۾ ايس اي سي پي ۾ بلوچستان جي نمائندگي نه رهي، ان دوران پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (نواز) جون حڪومتون هيون، ان وقت انهن پارٽين کي بلوچستان جي نمائندگي ياد ڇو نه آئي؟ ايس اي سي پي ۾ رڳو بلوچستان نه پر خيبر پختونخوا جي به نمائندگي نه هجڻ برابر آهي، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته 2017ع جي آدمشماري بابت سي سي آءِ پاران ڪيل فيصلي تي سنڌ صوبو مطمئن ناهي، جيڪڏهن ڪو صوبو سي سي آءِ جي فيصلي سان متفق ناهي هوندو ته معاملو گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اٿاري سگهي ٿو، سنڌ جي وڏي وزير 29 مئي تي چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي کي آدمشماري مامري تي گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ خط لکيو آهي، هن چيو ته 2017ع جي آدمشماري درست نه ٿي، ان ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ظاهر ڪئي وئي، 7 اپريل 2021ع تي آدمشماري وارو مامرو سي سي آءِ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير اعتراض واريا هئا، بلوچستان جي وڏي وزير جي درخواست تي غور ملتوي ٿيو، 11 اپريل تي وري سي سي آءِ جو اجلاس ٿيو، سي سي آءِ جي روايت رهي آهي ته اتي فيصلا اتفاق راءِ سان ٿيندا آهن پر وزيراعظم 2017ع جي آدمشماري جا انگ اکر لاڳو ڪرڻ لاءِ ووٽنگ ڪرائي، جيڪا به درست طريقي سان نه ٿي، سي سي آءِ ۾ وفاقي وزير طور مقرر ٿيل 3 ميمبرن کان ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي حوالي سان راءِ نه ورتي وئي، هن چيو ته آئون سنڌ مان چونڊيل ميمبر طور توڙي سنڌ حڪومت پاران چوان ٿو ته سي سي آءِ جي آدمشماري بابت فيصلي خلاف گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ وڃڻ سنڌ جو حق آهي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته مون کي سنڌ جي وڏي وزير جو خط مليو آهي، مون ان بعد صدر پاڪستان کي ان حوالي سان گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ خط لکيو آهي، جنهن جي ڪاپي سنڌ حڪومت کي به اماڻي ڇڏي آهي، اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني چيو ته 2010ع ۾ اين ايف سي ايوارڊ ڏنو ويو، هن وقت تائين نئون ايوارڊ نه ڏيڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، اين ايف سي ايوارڊ تحت رقم جي تقسيم واري مامري تي بحث ڪرايو وڃي، بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيٽر دوست محمد چيو ته ڇا منهنجو اهو قصور آهي ته پختون آهيان؟، ڪاش اسان فلسطيني يا ڪشميري هجون ها، پختونن کي قتل ڪندڙ رائو انوار کي آصف زرداري سنڌ جو بهادر پٽ سڏيو، بلوچستان جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ فوت ٿيل ماڻهن کي معاوضو ڏنو وڃي ۽ حڪومت مزدورن کي تحفظ جي سکيا ڏيڻ لاءِ 4 کان 5 سئو ماڻهن کي ٽريننگ ڏياري، پيپلز پارٽي جي شيري رحمان چيو ته هي حڪومت آرڊيننس مٿان آرڊيننس آڻي رهي آهي، هن ايوان کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن بابت جاري ڪيل آرڊيننس پيش ٿيڻ جو انتظار آهي پر اهو پيش نه پيو ڪيو وڃي، ان آرڊيننس ذريعي ايڇ اي سي جا اختيار گهٽ ڪيا آهن، آرڊيننس پيش نه ڪري ايوان جو وقار گهٽ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان جا حق مجروح ٿي رهيا آهن، هن چيو ته ملڪ اندر هڪ ٻيو خوفناڪ آرڊيننس جو ڊرافٽ به ڦهليل آهي جيڪو ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ آندو پيو وڃي، صحافت تي پابنديون لڳي رهيون آهن، حڪومت کي معلوم ناهي، ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس ميڊيا لاءِ مني مارشل لا آهي، قائد ايوان شهزاد وسيم چيو ته آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس ايندا آهن، سنڌ ۾ قتل ٿيل صحافي اجي لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ کي ڇو قتل ڪيو ويو؟ عزيز ميمڻ جو حڪومت تي تنقيد ڪرڻ بعد آواز بند ڪيو ويو ڇا اهي ٻئي صحافي نه هئا؟، پيپلز پارٽي جي عيني مري چيو ته ابصار عالم تي گولي هلائيندڙ ڪڏهن پڪڙيا ويندا؟ عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ ثبوتن سان گڏ جوابدار گرفتار ٿيا آهن، پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان چيو ته ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو رستو ٺاهڻ ۽ وڏو صحافي ٿيڻ لاءِ فون تي تنقيد ڪرڻ جو رواج ٿي ويو آهي، ڇا برطانيا، آمريڪا ۾ بنا ثبوت جي ادارن جا نالا ڪو وٺي سگهي ٿو؟ فوج ۽ ادارا هن ملڪ جا آهن، جن کي اينٽي اسٽيبلشمينٽ ٿيڻ جو شوق آهي ته پوءِ عمران خان کي فارغ ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي چئي رهيا آهن، بنا ثبوت جي حساس ادارن، فوج تي الزام لڳائڻ سان ٻاهر وڃڻ جا رستا ته کولي سگهجن ٿا پر ان عمل سان پاڪستانين جي دلين ۾ جاءِ نه ٿي ٺاهي سگهجي.