اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ جا اعتراض رد، اليڪشن ڪميشن تڪراري آدمشماري تحت صوبي ۾ نين تڪبندين جو فيصلو ڪري ورتو، 30 ضلعن ۾ خصوصي ڪاميٽيون قائم، اعتراض ٻڌڻ لاءِ ڊي لميٽيشن اٿارٽيز به جوڙيون ويون. اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن کان اڳ نيون تڪبنديون ڪرڻ لاءِ صوبي جي 30 ضلعن ۾ خصوصي ڪاميٽيون جوڙي ڇڏيون. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هر ضلعي ۾ حدبندين لاءِ جوڙيل ڪاميٽي 3 ميمبرن تي ٻڌل هوندي، جڏهن ته تڪبندين جي شروعاتي فهرستن تي اعتراض ٻڌڻ لاءِ 10 ڊي لميٽيشن اٿارٽيز به جوڙيون ويون آهن، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن کان اڳ نيون تڪبنديون موجوده آدمشماري تحت ٿينديون. نوٽيفڪيشن موجب لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور ضلعي جي بلدياتي تڪبندين جي شروعاتي فهرستن تي اعتراض ريجنرل اليڪشن ڪمشنر لاڙڪاڻو ٻڌندو، جڏهن ته جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي بلدياتي تڪبندين تي ريجنل اليڪشن ڪمشنر زوب جيڪب آباد ۾ شڪايتون ٻڌندو، اهڙي ريت سکر، گهوٽڪي، خيرپور جي تڪبندين تي اعتراض ريجنل اليڪشن ڪميشن سکر، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز، سانگهڙ ضلعن جي تڪبندين تي اعتراضن لاءِ ريجنل اليڪشن ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن، ميرپور خاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ضلعن جي بلدياتي تڪبندين لاءِ ريجنل اليڪشن ڪمشنر ميرپور خاص، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الهيار ضلعن جي بلدياتي ادارن جي تڪبندين خلاف شڪايتون ريجنل اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد، ڄامشورو، دادو، مٽياري ضلعن جي تڪبندين خلاف اپيلون ريجنل اليڪشن ڪميشن مڪران ڊويزن ٻڌي سگهندو، جيڪو شڪايتن تي ٻڌڻي مٽياري ۾ ڪندو، جڏهن ته بدين، ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي تڪبندين تي اعتراض ريجنل اليڪشن ڪمشنر ٺٽو، ڪراچي ويسٽ، ملير، ڏکڻ ڪراچي، ڪراچي جي ڪياماڙي ضلعي جي تڪبندين بابت شڪايتون ريجنل اليڪشن ڪمشنر ڪراچي ڊويزن، جڏهن ته ڪورنگي، ڪراچي ايسٽ ۽ سينٽرل ڪراچي ضلعي جي تڪبندين تي اعتراض صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ جو ڊائريڪٽر هيڊڪوارٽر شڪايتون ٻڌي سگهندو، اليڪشن ڪميشن پاران اهڙو نوٽيفڪيشن باضابطه طور تي جاري ڪيو ويو آهي، جنهن بعد مٿي ڄاڻايل اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن کي سنڌ اندر ٿيندڙ بلدياتي ادارن جي تڪبندين جي شروعاتي فهرست تي اعتراض ٻڌي انهن کي اڪلائڻ جو اختيار هوندو.