آءِ جي سنڌ ڊي ايس پي سي آءِ اي عبدالستار ڦل کي عھدي تان ھٽائي ڇڏيو

0
406

سکر (بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ ڊي ايس پي سي آءِ اي سکر عبدالستار ڦل کي عھدي تان ھٽائي ڇڏيو، ايس يس پي سکر سنگھار ملڪ جي شڪايت تي ڊي ايس پي کي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

ايس ايس پي سکر طرفان آءِ جي سنڌ کي لکيل ليٽر ۾ ڊي ايس پي مٿان ڏوھارين سان تعلقات ھجڻ جو الزام لڳايو ھو

ھٽايل ڊي ايس پي مٿان سماجي براين جي سرپرستي جو به ليٽر ۾ الزام لڳايو ويو ھو، آءِ جي سنڌ کي ايس ايس پي طرفان لکيل ليٽر ۾ ڊي ايس پي مٿان ڏوھاري سفير جتوئي کي ڳري رشوت عيوض آزاد ڪرڻ جو به پڻ الزام لڳايو ويو ھو

ڊي ايس پي سي آءِ اي مٿان لڳل سنگين الزامن جي انڪوائري بعد آءِ جي سنڌ عبدالستار ڦل کي ھٽائي ڇڏيو

ھي به پڙھندا

مڇر ڪالوني واقعي ۾ پيش امام جو ڪردار مثبت هو: آءِ جي سنڌ

شھيد اھلڪارن جو خون رائيگان نه ويندو، ڌاڙيلن کي جلد ختم ڪنداسين: آءِ جي سنڌ