آءِ ايم ايف پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ گهٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو: مهانگائي جو طوفان به تيار

0
138
آءِ ايم ايف پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ گهٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو: مهانگائي جو طوفان به تيار
آءِ ايم ايف پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ گهٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو: مهانگائي جو طوفان به تيار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا، عالمي مالياتي فنڊ جي پبلڪ انويسٽمينٽ مئنجيمنٽ اسسمنٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ برداشت جوڳي نه آهي ان ڪري ان تي نظرثاني ڪئي وڃي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سمورن ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 10.7 ٽريلين رپين جي ضرورت آهي. ترقياتي منصوبن جي گهربل فنڊنگ هلندڙ سال جي ترقياتي بجيٽ 272 ارب رپين مان 14 ڀيرا وڌيڪ آهي

گذريل بجيٽ ۾ حڪومت طرفان 2.3 ٽريلين رپين جا نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا. آءِ ايم ايم طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ترقياتي منصوبن جي منظوري کان اڳ ٽيڪنيڪل اسسمنٽ ضروري آهي ترقياتي منصوبن جي چونڊ لاءِ 5 سالن جي پاليسي ٺاهي وڃي. ترقياتي منصوبن کي فنڊز جاري ڪرڻ جو طريقيڪار تيار ڪري پبلش ڪيو وڃي. اسسمنٽ رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي آخر تائين پاڪستان جو قرض 8.18 ٽريلين ٿي ويندو جيڪو ملڪ جي ڊي پي جو 37 سيڪڙو آهي

ايندڙ بجيٽ جو ڪاٿو 15.4 ٽريلين تائين هوندو. عالمي مالياتي فنڊ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي انتهائي رسڪ وارن ملڪن ۾ شامل آهي. سال 2022 جي ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ 3 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 1700 ماڻهو ٻوڏ سبب فوت ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2000 کان پاڪستان ۾ هر سال موسمياتي تبديلي 2 ارب ڊالر جو نقصان ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ هر سال 40 لک ماڻهو موسمياتي تبديلين مان متاثر ٿي رهيا آهن ۽ 500 ماڻهو قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سبب فوت ٿي رهيا آهن. آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري رهي آهي

  سال 2050 تائين پاڪستان جي معيشت قدرتي آفتن کان 9 سيڪڙو تائين متاثر ٿي سگهي ٿي. پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ بجيٽ انتهائي اڻپوري آهي. پاڪستان ترقياتي بجيٽ ۾ موسمياتي تبديلين جي پراجيڪٽس کي ترجيح ڏئي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ اسٽاف سطح تي معاهدو طئي ٿي چڪو آهي، آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 7 ڊسمبر تي ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان کي 70 ڪروڙ ڊالرن جي ٻي قسط جاري ڪرڻ جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف جي شرطن تحت حڪومت کي 7 ڊسمبر تائين بجلي مهانگي ڪرڻي پوندي، جنوري ۾ گيس جون قيمتون به وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي