جسٽس مظاهرعلي نقوي سپريم جڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي

0
108

اسلام آباد: جسٽس مظاهرعلي نقوي سپريم جڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي آهي

 جسٽس مظاهر نقوي وڪيل مخدوم علي خان ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي، ڪارروائي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

 جسٽس مظاهر علي نقوي درخواست ۾ چيو آهي ته سپريم جڊيشل ڪونسل جي ايندڙ ڪارروائي لاءِ اماڻيل نوٽيس غيرقانوني قرار ڏنو وڃي، سندس خلاف شروع ڪيل مهم عدليا جي آزادي تي حملو آهي

جسٽس مظاهر علي نقوي جو چوڻ هو ته جڊيشل ڪونسل سندس اعتراضن ٻڌڻ کانسواءِ ايندڙ ڪارروائي جو نوٽيس موڪليو، جڊيشل ڪونسل 27 آڪٽوبر تي پريس رليز جاري ڪري سندس بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي، درخواست ۾ وفاق، صدر ۽ سپريم جڊيشل ڪونسل کي ڌر بڻايو ويو آهي

ٻئي پاسي سپريم جڊيشل ڪونسل جو اجلاس اڄ ٿيندو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اجلاس جي صدارت ڪندو

 جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف درخواستن جو جائزو ورتو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ جسٽس مظاهر نقوي جي اعتراضن تي به غور ويچار ڪيو ويندو

 سپريم جڊيشل ڪونسل جسٽس مظاهر نقوي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو، ڪونسل جسٽس طارق خلاف شڪايت ڪندڙن کي شاهدين سان گڏ طلب ڪيو هو