عمران خان کي اسان گرفتار ناهي ڪيو ۽ نه ئي آزاد ڪري سگھون ٿا، ٽي ٽي پي سان ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو: نگران وزير اعظم

0
123
عمران خان کي اسان گرفتار ناهي ڪيو ۽ نه ئي آزاد ڪري سگھون ٿا، ٽي ٽي پي سان ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو: نگران وزير اعظم
عمران خان کي اسان گرفتار ناهي ڪيو ۽ نه ئي آزاد ڪري سگھون ٿا، ٽي ٽي پي سان ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو: نگران وزير اعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عمران خان کي اسان گرفتار ناهي ڪيو، نه ئي اسان آزاد ڪري سگھون ٿا. کيس جيل ۾ زهر ڏيڻ واري ڳالهه غلط آهي. خانگي ٽي وي چينل “جرگه” ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي نگران حڪومت ناهي گرفتار ڪيو، ان ڪري اسين ان کي آزاد ڪري به نٿا سگھون

هن چوي ته چيو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ زهر ڏنو ويو آهي. عمران خان کي جيل ۾ زهر ڏيڻ جو الزام غير ذميواراڻو آهي. هو جيل ۾ مڪمل طور محفوظ آهي. هن چيو ته افانستان ۾ پٺاڻن سميت هر هڪ لاءِ هڪجيترو احتام آهي، پر منهنجي وفاداري رياست سان ڳنڍيل آهي. مون کي ڪنهن کان پٺاڻ هجڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي

نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغان طالبان ڄاڻين ٿا ته ٽي ٽي پي ڪٿان کان پاڪستان تي حملا ڪري رهي آهي. طالبان حڪومت کي خبر آهي ته ٽي ٽي پي وارا ڪٿي ويٺا آهن. ٽي ٽي پي ڪا وچ ايشيا ۾ ناهي، افغانستان ۾ ويٺل آهي. افغان طالبان کي گھرجي ته پاڻ انهن خلاف ڪارروائيون ڪن يا انهن کي اسان جي حوالي ڪن. هن چيو ته افغان رياست بابت منهنجي بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو. پاڪستان ۽ افغانستان کي ايمانداراڻي انداز ۾ سوچڻ گھرجي ته اهي هڪ ٻئي مان ڪهڙي اميد رکن ٿا. هن چي ته ٻه سال اڳ طالبان سان ڳالهين جو ڊرامو ڪيو ويوعمران خان جي فرمائش تي جيل ۾ ڪهڙا کاڌا تيار ٿين ٿا؟

عمران خان جي فرمائش تي جيل ۾ ڪهڙا کاڌا تيار ٿين ٿا؟

هن چيو ته طالبان واري معاملي تي مختلف مڪتبِ فڪر جي عالمن جي آرمي چيف سان ملاقات ٿي، ان ۾ گڏيل فيصلا ڪيا ويا.  اسان ٽي ٽي پي سان ڳالهين کان ڪنڌ ناهي ڪڍايو، پر سڀ کان پهرين اهي هٿيار ڦٽا ڪن. ۽ هٿيار بنا ڪنهن شرط جي ڦٽا ڪن. انهن جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ شرط رکڻ ئي ناجائز عمل آهي. هن چيو ته ٽي ٽي پي جڏهن هٿيار ڦٽا ڪيا تڏهن سوچينداسين ته ڳالهيون ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪرڻيون آهن.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو آمريڪا جو هتي گھر نه آهي

ان ڪري هو هتي جي لاءِ اهو نه سوچيندو جيڪو اسان هڪٻئي لاءِ سوچيندا آهيون.  نگران وزيراعظم موجب اهو برداشت نٿا ڪري سگھون ته پاڪستان تي حملا ٿين ۽ افغان حڪومت تماشو ڏسندي رهي. هن چيو ته رياست جي ذميواري کڻون ٿا ته فيصلا به ڪرڻ اپون ٿا.  ڪنهن رجسٽرڊ پناهگير کي واپس موڪلڻ جي ڪا پاليسي نه آهي

اڻ رجسٽرڊ افغانين سميت پرڏيهين کي واپس موڪلي رهيا آهيون. سمورا غيرقانوني افغاني پهرين پنهنجي ڏيهه وڃن ۽ پوءِ قانوني طريقي سان ڀلي واپس اچن.  هن چيو ته ٻه سال اڳ ڳالهين جو ڊرامو ٿيو ته ٽي ٽي پي وارا افغانستان ۾ ئي هئا. هن چوي ته ڪير سمجھي ٿو ته بندوق جي زور تي ڳالهيون ڪندو ته اها سندس غلط فهمي آهي. اسان جو خيال هو ته آمريڪا ۽ ٻين قوتن جو گھر افغانستان ناهي، گھر جي قوت انهن کي گھر مان ڪڍڻ چاهي ٿي.  هن چيو ته پاڪ_چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي ترجيح ڏيون ٿا، چين چاهي ٿو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ اسان جو ڪردار گھڻو هجي

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ليول پليئنگ فليڊ نه ملڻ جي ڳالهه نه آهي. هن وقت پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، مسلم ليگ ن سان گڏ ننڍيون ننڍيون پارٽيون به ورڪ ڪري رهيون آهن. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن تي عمران خان جي گرفتاري ٿي آهي، اسان کيس گرفتار ناهي ڪيو.قانوني طور ايئن نٿا ڪري سگھون جو اسين شاهي فرمان جاري ڪري کيس سمورن الزامن کان آجو قرار ڏئي  آزاد ڪري ڇڏيون

هي به پڙهندا

اليڪشن ڪميشن تي اعتماد آهي، 8 فئبروري تي پيپلز پارٽي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون ايندي: آصف زرداري