اليڪشن ڪميشن تي اعتماد آهي، 8 فئبروري تي پيپلز پارٽي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون ايندي: آصف زرداري

0
121

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته 8 فئبروري تي پيپلز پارٽي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون ايندي، اليڪشن ڪميشن تي اعتماد آهي، چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون

پنهنجي بيان ۾ پ پ جي شريڪ چيئرمين  چيو ته ملڪ صاف ۽ شفاف چونڊن طرف وڃي رهيو آهي ۽ پيپلز پارٽي ان لاءِ مڪمل تيار آهي، اليڪشن وقت تي ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو ماحول هن وقت اليڪشن لاءِ سازگار آهي

هن چيو ته مون کي اليڪشن ڪميشن تي اعتماد آهي ته هو صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائيندي، پيپلز پارٽي هر ماحول ۾ اليڪشن وڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿي

آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته 8 فئبروري تي پيپلز پارٽي ملڪ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون ايندي، عوام پيپلزپارٽي سان محبت ڪري ٿو