سيٺارجا (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي سري هيٺ 3 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو  ملهائڻ جي اعلان بعد سيٺارجا ۽ ڀرپاسي ۾ سرگرميون تيز ٿي ويون، ثقافتي ڏهاڙي کي ڀرپور نموني ملهائڻ جي حوالي سان سيٺارجا ڀرسان سماجي اڳواڻ طالب حسين سهتو جي رهائشگاھ تي “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي سري هيٺ محفل مشاعرو ۽ مچ ڪچهري جو پروگرام ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ جمائت اسلامي صوبه سنڌ جي نائب امير ايڊوڪيٽ ممتاز حسين سهتو، سماجي اڳواڻ بشير احمد سهتو، سب انسپيڪٽر نظير احمد ڪٻر، خليفو راجا سهتو، محمد اڪرم، حاجي نواب علي لُنڊ، حاجي نور محمد ڪٻر ، استاد عاشق حسين سهتو ،  زاهد حسين سهتو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، مچ ڪچهري دوران صوڀوديرو ۽ سڳيون کان مهمان ٿي آيل سگهڙن فقير مراد علي مڱڻيجو ، فقير احمد علي چنو ، غلام سرور سهتو ، فقير عابد حسين ڀاڳت ۽ ٻين حاضرين کي لطيف سرڪار رح جا بيت ۽ وايون ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ان موقعي تي اڳواڻن ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته علي قاضي پاران هن ڀيري جيڪو “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهو هڪ بهترين عنوان آهي، وقت جي ضرورت آهي ته هاڻ ماضي ڇڏي سنڌ کي نئين سري سان اڏجي.