آءِ ايم ايف پاران ٻوڏ واري صورتحال باوجود پاڪستان لاءِ پاليسيون تبديل ڪرڻ کان انڪار

0
357

ڪراچي: آءِ ايم ايف پاران ٻوڏ واري صورتحال باوجود پاڪستان لاءِ پاليسيون تبديل ڪرڻ کان انڪار، پاڪستان لاءِ مقرر آءِ ايم ايف جي ايلچي ايسٿر پيريز روئيز چيو آهي ته قرض پروگرام بحال ڪرڻ لاءِ پاڪستان پاران ڪيل پاليسي وعدن تي عمل ڪرڻو پوندو

آءِ ايم ايف موجب ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ ٿيل نقصان جي نشاندهي ڪندڙ رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ امداد ۽ پاليسين بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي، آءِ ايم جو اهو موقف اسحاق ڊار پاران پيٽرول جي اگهن ۾ ڪيل نئين لاٿ کانپوءِ سامهون آيو آهي

آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل معاهدي تحت پاڪستان کي 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جا اگهه وڌائڻا هئا، اسحاق ڊار پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪرڻ بعد چيو هو ته آءِ ايم ايف کي مان پاڻ منهن ڏيندس

ھي به پڙھندا

ٻوڏ: گڏيل قومن پاڪستان جي لاءِ انساني امداد جي اپيل ۾ 5 پنجوڻ تي اضافو ڪري ڇڏيو

هن وقت تائين 12 لک کان وڌيڪ متاثرن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا آهن: شرجيل ميمڻ