حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عبدالماجد ڀرڳڙي  انسٽيٽيوٽ آف لئنگئج انجنيئرنگ پاران سنڌو سڀيتا جي لکتن جو فونٽ ”آءِ وي سِي اسڪرپٽ فونٽ“ جي نالي سان پڌرو ڪيو ويو آهي. پڌرائي جي تقريب ۾ اداري جي عملدارن ۽ ملازمن کانسواءِ سنڌسلامت سٿ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي آءِ ٽي شعبي جي ماهرن ۽ ساڃاهه وندن شرڪت ڪئي. اداري جي ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙي ٻڌايو ته سنڌو سڀيتا فونٽ جي ھيءُ پھرين رليز آھي جنھن ۾ موھن جي دڙي جو اسڪرپٽ، خداوادي اسڪرپٽ، گنج ۾ شامل ٿيل اسڪرپٽ، ارنيسٽ ٽرمپ جو اسڪرپٽ ۽ موجودہ پرسو-عربڪ اسڪرپٽ شامل ڪيا ويا آھن. هن چيو ته فونٽ جي ايندڙ رليزن ۾ سنڌو سڀيتا جا ٻيا به مُنجهيل اسڪرپٽ شامل ڪيا ويندا ته جيئن سنڌو سڀيتا ۽ ٻوليءَ جي اوائلي لکتن کي پڙهي ۽ لکي سگهجي.