مبارڪپور (ن پ ا )  ڳوٺ عامل ڪوري جي راھوسي نوجوان امان الله پٽ راڻو ميربحر کي پنھنجي ئي برداري جي ماڻھن شڪارپور ضلعي جي شھر ميان صاحب ٿاڻي جي حد ۾ ٽي سال اڳ ڪھي قتل ڪيو ويو ھو، جنهن جي خون جو نبيرو منظور پنهور جي سرپئنچي هيٺ سندس ئي ڳوٺ ۾ ٿيو. جوابدار ڌر ھزارو ميربحر ۽ پنھل ميربحر مٿان الزام ثابت ٿيڻ تي 40 لک ڏنڊ لڳايو، جھولي جھلڻ تي نوجوان جي پيءُ راڻو ميربحر پنج لک معاف ڪيا، ٻه لک موقعي تي ادا ڪيا ويا بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو