ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي مان شادي شده عورت  پٽ سميت مبينا اغوا ٿي وئي آهي، مڙس جي فرياد تي ٻن جوابدار خلاف ڪوٽڙي ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪوٽڙي سائيٽ جي سڪندرآباد ڪالوني واري علائقي ۾ شادي شده عورت رضيا ملڪ چئن سالن جي پٽ عبدالرحمان سميت مبينا اغوا ٿي وئي، جنھن بعد ڪوٽڙي پوليس عورت جي مڙس شمشير علي ملڪ جي فرياد تي ٻن جوابدارن اياز ۽ اعجاز بروھي خلاف سندس زال ۽ پٽ کي اغوا ڪري کڻي وڃڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آھي، داخل ڪيل ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته مان پنجاب ويل ھئس ڄاڻايل جوابدار منھنجي گھر ۾ زبردستي داخل ٿي منھنجي زال ۽ پٽ کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن.