گاجي کهاوڙ مان 3 ٻارن سوڌو ماءُ مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج

0
469

گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ مان 3 ٻارن جي ماءُ 9 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي وئي. گاجي کهاوڙ جي رهواسي عابد کهاوڙ جي گهر واري سيما کهاوڙ 3 پٽن ثاقب علي، طارق علي ۽ علي کهاوڙ 9 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي وئي. ان خلاف ناري جي مڙس عابد کهاوڙ، ناري جي پيءُ ممتاز کهاوڙ ۽ ناري جي ڀاءُ ياسين علي کهاوڙ ڀٽائي پريس اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ناري جي مڙس عابد کهاوڙ چيو ته 9 ڏينهن اڳ هٿيارن جي زور تي گاجي کهاوڙ مان سڪندر کهاوڙ جيڪو لاڙڪاڻي جي نظر محلا ۾ رهي ٿو اهو منهنجي زال ۽ 3 پٽن کي اغوا ڪري کڻي ويو آهي جنهن جو ڪيس اسان گاجي کهاوڙ ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر هن مهل جوابدار گرفتار نه ٿيو آهي. جڏهن ته جوابدار 2 لک رپيه ڪيش ۽ ڏيڍ تولو سون به کڻي ويا آھن. هُو بااثر آھن منهنجي زال ۽ 3 پٽ به اغوا ڪري ويا آھن ۽ موتمار ڌمڪيون به ڏين ٿا اسان مسڪين آھيون پر ڪو به دانهن ٻڌڻ لاء تيار ڪونهي. ٻئي طرف ناري جي پيءُ ممتاز کهاوڙ چيو ته منهنجي ڌي کي سڪندر کهاوڙ اغوا ڪري ويا آھن جيڪو سراسر ظلم ڪيو ويو آھي. ناري جي مڙس آء جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته منهنجي اغوا ٿيل 3 پٽن جو سڪندر کهاوڙ مٿان ڪيس داخل ڪرائي منهنجي اغو ٿيل زال ۽ 3 پٽ واپس ڪرائي مونسان انصاف ڪيو وڃي.