ڪنوار گهوٽ کي گل اڇلائي هڻي ڪڍيو، وڊيو وائرل

0
754

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) ڪنوار گهوٽ کي گل اڇلائي هڻي ڪڍيو، وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست اڙيسا ۾ هڪ شادي تقريب جي انوکي وڊيو وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ ڪنوار کي اسٽيج تي اچي گهوٽ کي گل هڻندي ڏسي سگهجي ٿو، ڪنوار انتهائي ڪاوڙ ۾ نظر اچي ٿي، لڳي ٿو گهوٽ کي ٿڦڙ هڻي پئي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي صارفين دلچسپ تبصرا ڪرڻ لڳا آهن. ڪجهه صارفين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنوارکي گهوٽ پسند نه هو ته پهرين ئي انڪار ڪري ڇڏي ها.