ميرپورخاص ۾ ھڪ شھري پاران معصوم ٻار کان ڊرائيونگ ڪرائڻ واري وڊيو وائرل

0
257

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ھڪ شھري پاران معصوم ٻار کان ڊرائيونگ ڪرائڻ واري وڊيو وائرل، وڊيو ۾ 8 کان 10 سالن جو نينگر معصوم ٻار ڪار ھلائيندي نظر اچي ٿو، ڊرائيونگ ڪندڙ ٻار جا پير بريڪ تي مشڪل سان لڳي رھيا آھن، معصوم نينگر اسٽيشن چوڪ کان چاندني چوڪ تائين بنا خوف جي ڪار ھلائيندو رھيو، شهرين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا ٽريفڪ پوليس شڪايت ڪرڻ باوجود ڪي قدم ناهن کنيا ويا..