ڪراچي: ابوالحسن اصفهاني روڊ تان ٽڪ ٽاڪر ناري اغوا

0
324
ڪراچي: ابوالحسن اصفهاني روڊ تان ٽڪ ٽاڪر ناري اغوا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ابوالحسن اصفهاني روڊ تان 16 ورهين جي ناري سائره مبينا طور اغوا ٿي وئي، جنهن جو سچل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ناري جي والده جو چوڻ آهي ته آئون گهرن ۾ ڪم ڪار ڪندي آهيان، 2 ڏينهن اڳ نياڻي پنهنجي ماسي جي گهر وڃڻ جو چئي گهران نڪتي واپس نه آئي، جڏهن ته ڀيڻ چيو ته هتان هلي وئي آهي، بعد ۾سائره جي سندس دوست سان ٽڪ ٽاڪ تي وڊيو نظر آئي

سائره جي والده جو چوڻ آهي ته نياڻي بابت سندس دوست ناري کان معلوم ڪيو ته هوءَ ڪجهه به ٻڌائڻ جي لاءِ تيار ناهي، شڪ آهي ته نياڻي کي سندس دوست وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، جاچ آفيسر به سهڪار نٿو ڪري

ناري جي والده جو چوڻ آهي ته صح کان رات ٿاڻي ويهاري واپس موڪليو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته توهان جاچ آفيسر دريا خان آهي، جڏهن ته جاچ آفيسر دريا خان جو چوڻ آهي ته مون کي هي ڪيس ناهي مليو

ھي به پڙھندا

ٽڪ ٽاڪر عورت ڪيس ۾ نئون موڙ، عائشه ۽ ريمبو جي آڊيو ٽيپ سامهون اچي وئي