ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو آفيس ۾ ڪمپلين سيل جي انچارج جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو: ميرو خان ۾ اهلڪار طرفان آپگهات جي ڪوشش

0
464
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو آفيس

ميرو خان (ن پ ا) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو آفيس ۾ ڪمپلين سيل  جي انچارج جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي، ميرو خان ۾ اهلڪار طرفان آپگهات جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، اي ايس آءِ حليم الله گوپانگ  طرفان پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏيڻ جي  ڪوشش، ماڻهن کيس روڪي ورتو، اي ايس آءِ حليم اللھ گوپانگ جو چوڻ ھو تھ ڊي ايس پي زاهد تنيو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي، سندس ذهني ٽارچر کان تنگ ٿي ويو آهن، ھُن دانھيندي چيو تھ 32سال عزت سان نوڪري ڪئي اٿم، ڊي ايس پي زاهد پاڻ وٽ گهرائي بنا جواز بي عزتي ڪندو آهي.