عمرڪوٽ (رپورٽر) سول جج عمرڪوٽ  محمد هاشم نوتڪاڻي سي آءِ اي سينٽر ۽ کوکرا پار ٿاڻي تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران پوليس عملدارن کي سول ڪپڙن ۾ ڏسي سخت ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته اوهان سول ڪپڙن ۾ ٿاڻن تي ڪم پيا ڪريو، وردي ڪير پائيندو، اهو ٿاڻو آهي يا اوهان جي اوطاق، جنهن بعد سول جج ايس ايس پي عمرڪوٽ کي هڪ ليٽر جاري ڪندي ڄاڻايو ته عمرڪوٽ ۾ پوليس اهلڪار بنا وردي جي ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، هڪ هفتي اندر معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي،