ڪراچي: اين اي 240 تي ٿيل ننڍي چونڊ دوران پي ايس پي، متحده ۽ ٽي ايل پي قيادت پاران هڪٻئي تي فائرنگ  ۽ تشدد جا الزام مڙهيا ويا، ان ڏس ۾ متحده جي رابطا ڪاميٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽي ايل پي ۽ پي ايس پي جي غنڊن پولنگ عمل ۾رڪاوٽون وڌيون ۽ پرتشدد ڪارروايون ڪيون، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، هڪ منظم سازش تحت اسان جي ايجنٽس کي پولنگن مان ٻاهر ڪڍي پولنگ عملي کي يرغمال بڻايو ويو،  جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل رهيا، انهي سڄي صورتحال جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي، هوڏانهن پي ايس پي چيئرمين ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال چيو ته متحده ۽ ٽي ايل پي جي ڪارڪنن فائرنگ ڪري خوف پکيڙيو ۽ اسان جي ڪارڪنن تي تشدد ڪيو، افتخار عالم سميت 7 ڪارڪن سخت زخمي ٿيا آهن، اسان پنهنجن ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي، انيس قائمخاني چيو ته ٽي ايل پي ۽  متحده جي ڪارڪنن دهشتگردي ڪندي منهنجي گاڏي تي فائرنگ ڪئي، ٽي ايل پي وارن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته هي لاهور  نه پر ڪراچي آهي، ڪراچي ۾ اڄ ٽي ايل پي وارا آزادي سان گهمن ڦرن پيا،  اهي پي ايس پي جي ڪري گهمن پيا، اسان دهشتگردي برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته متحده کي به ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اسان متحده باني کي به منهن ڏنو آهي، موجوده قيادت جي ڪا حيثيت ناهي،  انهن کي بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين، هوڏانهن ٽي ايل پي ترجمان چيو آهي ته اين اي 240 جي اليڪشن ٽي ايل پي کٽي چڪي آهي، پي ايس پي سربراهه مصطفي ڪمال پنهنجي موجودگي ۾ فائرنگ ڪرائي اسان جي ڪارڪنن کي زخمي ڪرايو آهي.