اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ ادارن جي مبينا مداخلت جو معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اُٿارڻ جو مطالبو ڪيو ويو، پ پ سينيٽر رضا رباني چيو ته مون اسپيڪر ۽ سينيٽ  چيئرمين کي پارليامينٽ کي بچائڻ جي حوالي سان خط لکيا هئا پر مون کي ٻنهي مان ڪنهن به جواب ناهي ڏنو، ادارا آئين ۾ طئه ڪيل حدن کان  ٻاهر نڪري هڪ ٻئي جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن، پشاور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پارليامينٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، اسپيڪر قومي اسيمبلي کي به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ ڏينهن اڳ نوٽيس ڏنو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني ناهي، خودمختيار ادارو آهي، توهان پارليامينٽ جي ڪارروائي کي التوا ۾ نه ٿا رکي سگهو، ڇو ته اهي ڪاميٽيون پارليامينٽ جو حصو آهن، هن چيو ته ان مامري کي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪري بحث ڪرايو وڃي، قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان کي پنهنجي خودمختياري کي عدالتي يا ڪنهن ٻئي اداري جي  مداخلت کان محفوظ رکڻو آهي.