ڪراچي(م ڊ) آءِ ايم ايف پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ پاڪستان جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ جي تباهي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ان کي ڏسندي فنڊ ٻوڏ متاثرن جي امداد، رليف ۽ نئين سر تعمير، لاءِ مدد فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فنڊ جي عملدارايستر پريزرو چيو ته پاڪستان جي مدد جاري رکي ويندي پاڪستان جي جاري پروگرام تحت ئي مدد ڪئي ويندي.