ڪراچي (شوبز نيوز) موسيقي جي دنيا ۾ نالي وارو فنڪار استاد دلشاد حسين خان دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، ميدِيا رپورٽ موجب استاد دلشاد حسين خان کي پاڪستان کان آمريڪا ويندي ترڪي جي استنبول ائيرپورٽ تي دل جو دورو پيو، جنهن سبب هو لاڏاڻو ڪري ويو، دلشاد حسين خان جو مڙهه آمريڪا نيو ويندو جتي سندس خاندان 1996 کان رهائش پذير آهي، ان جي تدفين به آمريڪا ۾ ئي ٿيندي، دلشاد حسين جو واسطو ڀارت جي دهلي گهراڻي مان هو ۽ وائلن وڄاڻ ۾ غير معمولي مهارت رکندو هو..