اسلام قبول ڪندڙ ڀارتي ٽيليوزن جي مشهور اداڪارا ديپيڪا ڪڪڙ مسلمان هجڻ تي فخر جو اظهار ڪيو آهي، چار سال اڳ اسلام قبولڻ بعد ديپيڪا ڪڪڙ عرف فائزه ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته اِهو سچ آهي ته مون اسلام قبولي ورتو آهي، اسلام ڪڏهن ۽ ڪيئن قبول ڪيو، اهو منهنجو ذاتي مسئلو آهي
هن چيو ته مونکي مسلمان هُجڻ تي فخر آهي، ٻين مذهبن مان اسلام جي چونڊ منهنجو ذاتي فيصلو هو، مان تمام گهڻيءَ خوش آهيان