لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته لڳي ٿو ته آرمي چيف مون کي پنهنجو دشمن سمجهي ٿو، اسٽيبلشمينٽ سان ڪا ويڙهه ناهي، هاڻي ڪوبه ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ آئون ڇا ڪريان.؟ لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته منهنجي اسٽيبلشمينٽ سان ڪا ويڙهه ناهي، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو آئون گوڏا کوڙي ڇڏيندس ته اهو نه ٿيندو، هاڻي ڪير ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي ته آئون ڇا ڪريان؟ ملڪ جي بهتري لاءِ آرمي چيف سان ڳالهين لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته آئون توهان کي چيلنج ڪريان ٿو ته منهنجي ۽ منهنجي گهرواري خلاف ڪرپشن جو ڪيس ثابت ڪيو وڃي. عمران خان چيو ته پورو زور لڳايو ويو ته پرويز الاهي منهنجو ساٿ ڇڏي، هاڻي اسان کي پرويز الاهي سان وفاداري ڏيکارڻي آهي، آئون ڪنهن سان به بيوفائي نٿو ڪري سگهان. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته منهنجي زندگي کي خطري بابت رڪارڊ ٿيل وڊيو موجود آهي، اها وڊيو پرڏيهه ۾ موجود آهي. هن چيو ته هڪ ئي وقت عام چونڊون ٿين ته پئسو بچندو، پي ڊي ايم امپائرن باوجود اليڪشن کٽينداسين، سمنڊ پار پاڪستاني پي ٽي آءِ سان گڏ آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين کلندي چيو ته عورتون به مخصوص سيٽن تي پنجاب جو وڏي وزير ٿيڻ چاهين ٿيون، جيڪڏهن هاڻي پنجاب جي وڏي وزير جو فيصلو ڪيو ته قتل عام ٿيندو. عمران خان چيو ته رات 12 وڳي اسلام آباد جهاز ذريعي نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو، خبر پئي ته ايئرپورٽ تان مون کي گرفتار ڪري بلوچستان وٺي وڃڻ پئي چاهيا، جن کي منهنجي حفاظت ڪرڻي آهي، مون کي انهن کان خطرو آهي،جيل ۾ وجهڻ سان وڌيڪ ووٽ ملندا. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته آرمي چيف ئي منهنجي خلاف ڪرپشن جو ڪو ڪيس ڪڍي ڏيکاري، لڳي ٿو ته آرمي چيف مون کي پنهنجو دشمن سمجهي رهيو آهي، اسان جي اسٽيبلشمينٽ کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سياست ڇا ٿيندي آهي؟ جنرل رٽائرڊ باجوه منهنجي پٺيءَ ۾ ڇُري هنئي،هن روس خلاف تقرير ڪئي، ان تقرير تي (ر) جنرل باجوه جو ڪورٽ مارشل ٿيڻ گهرجي. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان اڄ به مون سان رابطي ۾ آهن، فوج جو مضبوط هجڻ تمام ضروري آهي.